Before you read our blog posts , You need to download fonts from below of posts. How to install these fonts ? You have to read this Post. How to install fonts

مون ۾ ٿي عيب هزار

مون ۾ ٿي عيب هزار
حال منهنجو توکي معلوم آهي
ٻئي ته ڪنهن سان منهنجو ڇا هي
سائين منهنجا سردار




نينهن لڳو آ تو سان جائي

لوڪ عالم کي خبر نه ڪا ئي
دم نه ٿجانءِ مونکان ڌار




عشق تنهنجي مدهوش جو ڪيڙو

کائڻ پيئڻ سڀ زهر جو ٿيئڙو
وسري ويا سنسار




سڪندي وئي آ عمر ساري

درد فيراقن وڇوڙي ماري
رووان ٿي زارو زار




چيزل“ عشق اڻانگو آهي”

سر جو سانگو ڇڏ تون لاهي
.هڻي نعرو ٿي نروار


 

No comments: