Before you read our blog posts , You need to download fonts from below of posts. How to install these fonts ? You have to read this Post. How to install fonts
Showing posts with label Poetry of Sufi Cheezal Shah. Show all posts
Showing posts with label Poetry of Sufi Cheezal Shah. Show all posts

مستن واري ملڪ انهيءَ تي


مستن واري ملڪ انهيءَ تي
جاٿي ناهي ڏوهه ثواب

پنهنجو سمجھي پاڻ ڏسن ٿا
سر سڃاڻي سجدا ڪن ٿا
توکي ونحن وارو آهي خطاب

صُورت اصلي عين تُون آهين
اَلُاِنسَاني پاڻ سڏائين
تون ته کول اکيون ڏس لاهي حجاب

عاشق زهر پيالو پيئن
مُوتُوقَبل ال مري ٿا جيئن
تون ته سڙي پتنگ جان ٿي ڪباب

چيزل بشري برقعو پايو
عام کان اولي احد سڏايو
.تون ته تجلو نوري کول نقاب



مون ۾ ٿي عيب هزار

مون ۾ ٿي عيب هزار
حال منهنجو توکي معلوم آهي
ٻئي ته ڪنهن سان منهنجو ڇا هي
سائين منهنجا سردار




نينهن لڳو آ تو سان جائي

لوڪ عالم کي خبر نه ڪا ئي
دم نه ٿجانءِ مونکان ڌار




عشق تنهنجي مدهوش جو ڪيڙو

کائڻ پيئڻ سڀ زهر جو ٿيئڙو
وسري ويا سنسار




سڪندي وئي آ عمر ساري

درد فيراقن وڇوڙي ماري
رووان ٿي زارو زار




چيزل“ عشق اڻانگو آهي”

سر جو سانگو ڇڏ تون لاهي
.هڻي نعرو ٿي نروار


 

فتح پُور والا

شان آهي تُنهنجو اعلٰي
 فتح پُور والا والا

مُرشدمُنهنجو شاه رکيل آ
 سڀ لهي ٿو سنڀالا 

عرب عجم جو احمَد تُون آن 
 لکين آهن تُنهنجا نالا

دارا سڪندر در تُنهنجي تي 
نانگا گُهمن ٿا نرالا 

پنڌ ڪري وڃي پاڻهين ڏسندس 
چا ئٺ چُمندس تالا

چيزل“ تُنهنجي در جو دايو”
تون ننگي ننگ پالا

click here to download used Fonts 

مجھ کو دیا ھے ساقی شراب مستو ورنا

مجھ کو دیا ھے ساقی شراب مستو ورنا 
جام ایسا پینا پھر دوزخ سے نہ ڈرنا

کیا کرینگے حور کو خود جنت بھشت قصورکو 
ایمان کچھ نہ کام دیدار تجھ سے مرنا 

دیکھو وحدت کا تماشا اس نے خیال دکھایا کیسا 
دنیا عقبٰی دونوں کو درکار کچھ نہ کرنا 

اک درد کی ضرورت مذکور ھے حضورت 
عاشق قتل کیئا ھۓ پرور غریب دھرنا 

سارا چل گیا زمانہ "چیزل"رھا مستانا 
 ..جوانی گئی ھے محبت میں اظھار ظاھر برنا

you have to download two types of fonts..
1st type   and  2nd type