Before you read our blog posts , You need to download fonts from below of posts. How to install these fonts ? You have to read this Post. How to install fonts

مستن واري ملڪ انهيءَ تي


مستن واري ملڪ انهيءَ تي
جاٿي ناهي ڏوهه ثواب

پنهنجو سمجھي پاڻ ڏسن ٿا
سر سڃاڻي سجدا ڪن ٿا
توکي ونحن وارو آهي خطاب

صُورت اصلي عين تُون آهين
اَلُاِنسَاني پاڻ سڏائين
تون ته کول اکيون ڏس لاهي حجاب

عاشق زهر پيالو پيئن
مُوتُوقَبل ال مري ٿا جيئن
تون ته سڙي پتنگ جان ٿي ڪباب

چيزل بشري برقعو پايو
عام کان اولي احد سڏايو
.تون ته تجلو نوري کول نقاب



1 comment: