Before you read our blog posts , You need to download fonts from below of posts. How to install these fonts ? You have to read this Post. How to install fonts

هي جهان سڄو ئي سينگار عجب

هي جهان سڄو ئي سينگار عجب ، واهه دلبر جو ديدار عجب
حسن تنهنجي هي صورت ساري ، هميشه تازي اٿم بهاري
عاشقن کي اها ڏنئي ڏيکاري ، باطن وارو اسرار عجب

هر طرحين جلوو نور جو ڏٺم ، تنهنجي ذات صفات ظهور ڏٺم
الانساني سر مذڪور ڏٺم ، ناهي بيرنگ جو ڪو شمار عجب

ڪل شيءِ قدير آن ، بيمثل بي نظير آن
هر صورت سميح بصير آن ، آڻي عشق ٻڌم اعتبار عجب

ڏٺم دروني جهاتي پائي ، درد ڏکن سان دل جاڳائي
درياءُ حقيقي ٿو منجهه سمائي ، تنهنجي نيهن ڪيم نروار عجب

جهوليء ۾ اچي عشق جهليو ، ”رکيل“ جو اوراڪ کليو
جهوڪ شهر ۾ محب مليو ، صاحب عبدالستار عجب

No comments: