Before you read our blog posts , You need to download fonts from below of posts. How to install these fonts ? You have to read this Post. How to install fonts

poetry of Sufi Hazrat Rakhyal Shah Badshah on "karbala incident"..

ڪري حملو مِير حسين تي، ڪُوفن قصد ڪيو

لِکيو هو اڳ جو، پَسَڻ پوءِ ٿيو

پاڻ وڻندِيُون ٿو ڪَري، ناهين ڪونه ٻيو

اَچِي اوڏنهن پاڻ ٿيو، رکيل نه ته ڪُوفي اُهي ڪير هُئا
********************************

هائي هائي مِير حسين کي،ڪُوفِين ڪوٺايو

ويسه به ڏيئي وِچ تي، تَن ڊوهه اِهو ٺاهيو

ڪَربلا جي ميدان ۾ اَچي ويرَن وَرايو

رکيل رَب سَندو رايو، مَڃي بيٺا ميدان ۾
**********************************

ڪَربل ۾ ڪارڻي آيا اڄ اِمام

سختي صبر تن جو، ٻيو کڻي ڪير ڪَمام

هِي نَظارو نِيهن جو، آهه سَمجهَڻ مشڪِل مام

رکيل اعلٰي تن جا شان، جيڪي شائق شير شهيد ٿيا
*********************************

ڪربلا جي پِڙ ۾، آلِ نَبِي آيا

توڙون هي تقدير هُئي، رَب سَندا رايا

هَلي آيو حُر، جِنهِن اڳيان ملهايا

رکيل سَچي بِيبِي جا ڄايا، مِير پيا هِن مامري
*****************************

ڪربلا ۾ ڪارڻِي، آيا اڄ اِمام

ٿيو آواز عَرش تي، هِي ٻڌِي جنگ جهان

روئَڻ ٿيو راڄن ۾، مُلڪن ماتام

رکيل موٽ مديني جا ڄام، ٿيا سچا تُنهنجا سُپرِين
***********************************

قَضيو ڪربلا جو، ٻڌو جگ جهان

زمين ٿي زارِيون ڪيون، رُنو پَئي آسمان

رکيل اهي لاهي شڪ گُمان وڃي سُنڃاتم سو سُپرِين
***********************************
عَلي جِي والاد سان، هُو جوٺا ٿا جهيڙين

ڪري جلوو جنگ جو سي ويري ٿي ويڙهين

ڇڏي پاسو بهِشت جو، هُو دوزخ ڏي دوڙين

اهي ڦڪائي ڦيرين، رکيل ٿيا جمائِتي يزيد جا
*****************************

ها جِگر گوشا علِي جا،پِيارا پِرين پاڪ

اَچي رهيا رَڻ ۾، هُل پيو هي هاڪ

بي بيءُ کي بيابان ۾، ٿا واهُوڪن واڪ

مڃيائون رب رضاق ته رکيل امر ۾ اڀي ٿيا
*****************************

فَرزند شير عَلِي جا، اُهي پُٺِي ڏيندا ڪِين

حسن مِير حسين جي،جنگ ٻُڌِي رُوءِ زمين

لرزو ٿيو اُڀن کي، اهي تپي ٿيڙا تين

مُلڪن ۾ ماتام ٿيو، هائي هائي حسن حسين

قادِر رب ڪرِيم،شاه رکيل پنهنجن جُون پرکان لهي
*********************************

قضيو ڪربلا جو، ڪي رند سُڃاڻن راز

هي نيهن نسورو ناز “ظهورا شهيدن پيتو ”پيالو شراب

الست بربڪم قالوُبلا، اِهي ڪَنن پين آواز

هي سَر ڏيئي ٿيا ساز، رکيل وڃي رَسيا رَب سان
*********************************

سر مُبارڪ سچن جا، مٿون نيزن جي نِشان

مڃيائون امُر رب جو، اهي آل نبي اسلام

بي ادبن بي ايمانن، يزيدن جا جهڳا ٿين ويِران

رکيل وڏا اَٿم اَرمان،علِي جِي اولاد جا
**********************************
اگر توهانکي ڪا بِه غَلطِي نَظَر اچي ته مهرباني ڪري اسانکي آگاه ڪندا
مِهرباني

No comments: