Before you read our blog posts , You need to download fonts from below of posts. How to install these fonts ? You have to read this Post. How to install fonts

دم بنا تو دوست جي، سهڻل ڀايان سال وي

دم بنا تو دوست جي، سهڻل ڀايان سال وي
سڪ تنهنجي هي ساوڻ لايو، عجب آب اکين ۾ آيو
روئي وڃايم حال وي

پريشان وتان ٿي فڪر ۾، راتيان ڏيهان ذهد ذڪر ۾
چمان تنهنجو خال وي

سڏ ڪيان ٿي وڏا وس واڪا، ڪوڪ ڪريم منهنجي ٻڌ ڪاڪا
نامي خدا مڙ ڀال وي

بيوس آهي ملڪ بيگانو رکيل شاه ٻَڌو ٿِي ڳانو
ڇڏي خودي جو خيال وي

2 comments: