سهڻي يار جي دِيدار ڪان، دل روز پئي سِڪي
نه سَلام نه پيغام، پُنهل يار ڏنهون اَچي
گهڙي حال لَنگهيم سال، لڳيم تانگهه پئي ڇڪي
سڻِي فرياد ڪَندُم داد، هي اِمداد ڀي اچي
راتِيان ڏينهن لڳم نينهن پيس يار جي پُکي
جانِب جوش مَنجهون پوش، اندر دوڌ پيو دکي
هو ۾ هوتان خوشبوءِ، لِڪايان پئي لِڪي
”رکيل شاه“ جي صلاح عجب خلق کي اَچي
صبح شام وڌائي گام ڪر تعمِيل هِي تِکي..
No comments: